لاهور ۾ ڀاڄين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڏٺي وئي آهي، جنهن سبب عام صارف سخت پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويا آهن.
مارڪيٽ ذريعن موجب لاهور ۾ ٽماٽي جي قيمت وڌي ڪري 200 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي، جڏهن ته لہسن جي سرڪاري قيمت 550 رپيا في ڪلو مقرر آهي پر مارڪيٽ ۾ اهو 600 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.
ادرڪ جي سرڪاري قيمت 285 رپيا في ڪلو آهي، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ ان جو اگهه 350 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي. اهڙي ريت پياز جي سرڪاري قيمت 62 رپيا في ڪلو مقرر آهي، پر مارڪيٽ ۾ اهو 70 کان 75 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ساڳي طرح سائي مرچ جي سرڪاري قيمت 105 رپيا في ڪلو آهي، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ ان جو اگهه 180 رپيا في ڪلو تائين وڃي پهتو آهي.
شهرين جو چوڻ آهي ته هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي ۽ هاڻي ٽماٽو به عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويو آهي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته روزمره جي استعمال وارين شين جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ته جيئن عام ماڻهو کي رليف ملي سگهي.
ٻئي طرف دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌي ويا آهن، جنهن سبب مهانگي ڀاڄيون وڪڻڻ انهن لاءِ مجبوري بڻجي وئي آهي.